بار ۾ بيئر جي آٽو فِلنگ مشين تيار ٿي وئي

ايمسٽرڊيم(ويب ڊيسڪ) هالينڊ جي هڪ يونيورسٽي جي ٽن شاگردن آٽوميٽڪ بيئر فلنگ مشين ٺاهي آهي جيڪا 7سيڪنڊن ۾ پنٽ ڀري ٿي ڇڏي. هن مشين جي ايجاد ٿيڻ بعد مصروف بار ۾ قطارون نه لڳنديون ۽ گراهڪن کي آساني سان ۽ جلدي ۾ بيئر ملي سگهندو ۽ بار ٽينڊرز جو ڪم به آسان ٿي ويندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته فٽبال اسٽيڊيمز ۽ شاپنگ مالز سميت مختلف رش وارين جاين تي قائم بارز ۾ صارفين کي ٿڌو بيئر حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻي انتظار نه ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو