بارش بعد زندگي مفلوج، بجلي غائب، واهن کي گهارا، فصل پاڻي هيٺ

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي اترين علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ته ٽٽي ويو آهي پر زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ پاڻي جا تلاءَ بيٺا آهن، بجلي ۽ فون جو نظام ديهم برهم آهي، ڪيترائي وڻ ڪري پيا آهن، ڪاٽن فيڪٽرين ۾ کليل آسمان هيٺان رکيل ڦٽي خراب ٿي وئي آهي، فصلن ۾ پاڻي بيٺل آهي، ووئنڻ ۽۽ ساريون ڪري پيون آهن، ديٻيلو مائنر، فيض گنج واهه ۽ ايم اين وي ڊرين کي گهارا پوڻ سبب سوين ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويو آهي ڪيترن ڳوٺن جو رابطو منقطع ٿي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سومر تي ڪجهه علائقن ۾ هلڪي بارش جو امڪان آهي.*** سکر مان امداد علي ڪلوڙ موجب شهر جي اڪثر پاڙن ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن سکر پاڻي ڪڍڻ ۾ ناڪام  وئي آهي. لئنسڊائون پل تي هڪ فٽ کان وڌيڪ پاڻي بيٺل آهي، والس روڊ اسٽيشن روڊ. مينارا روڊ گھنٽا گھر روڊ تي پاڻي بيھجي ويو جنهن سبب شھري سخت پريشان آھن. ***دادو مان ادل مهيسر موجب جوهي لڳ ايم اين وي ڊرين کي ڳوٺ سهري خان ڀرسان ڏيڍ سئو فوٽ گهارو پئجي ويو جنهن سبب آس پاس جا درجن کان وڌيڪ ڳوٺ مينهون خان،ڳوٺ جان محمد ،ڳوٺ پريل رودناڻي ۽ ٻيا ڳوٺ ۽ فصل پاڻي جي هيٺ اچي ويا،ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو. ڳوٺاڻن،علي حسن رودناڻي،محمد بخش ۽ ٻين ٻڌايو ته گهاري جو اطلاع  واپڊا اسڪارپ جي انجنيئر کي ڏنو پر ڪو به ڪونه آيو.***سيٺارجا مان سجاد ڪٻر موجب ڪورڪي حاجاڻا ويجهو فيض گنج  واهه کي اچانڪ 20 فوٽ گهارو پئجي ويو.

گهاري  سبب ڪيترا ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، گهاري کي 5 ڪلاڪ گذرڻ باوجود انتظاميه ننڊ مان نه جاڳي سگهي علائقي واسين پاران باربار انتظاميه کي اطلاع ڪرڻ کان پوء به عملو نه پهچي سگهيو ميڊيا تي خبرون هلڻ کان پوءِ انتظاميه جاڳي پئي  گهارو بند ڪرائڻ لاء ٻه ڪرين مشينون گهاري واري هنڌ پهچي ويون علائقي واسين ٻڌايو ته گذريل رات تقريبن 3 بجي واهه کي گهارو پيو  هو.*** ٺاروشاهه مان نمائندي موجب درٻيلو مائينر کي آر ڊي 37 مولهڻ وٽ ٻن جاين تي گهارا پئجي ويا.

لکين روپين جو ڦٽين ۽ سارين جو فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو. اطلاع جي باوجود آبپاشي کاتي جا عملدار نه پهتا ڳوٺاڻن گهارا پاڻ بند ڪيا. ڳوٺاڻن  احتجاجي ڪندي چيو ته آبپاشي عملو  رات جي وقت ۾ شاخن جي ڪپن کي ڪٽ ڏيئي زميندارن کي پاڻي فروخت ڪن ٿا جنهن سبب شاخن جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ گهارا معمول بڻيل آهن.***شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو موجب ارگو ٻگهيو جي رهواسين پاران فضل خان ٻگهيو ، اقبال ٻگهيو ، منظور ٻگهيو ، حافظ عبدالوحيد ٻگهيو ، محمد حسن ٻگهيو ، ناهيد ٻگهيو ، بشير ٻگهيو ۽ ٻين پاران ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.  ***ٺڪراٺو  مان حضرت گل پٺاڻ موجب برسات ۽ گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو  شھر جو مين  ڊسپوزل ناڪاره بڻجي ويو جنهن جون مشينون ڪيتري ئي عرصي کان خراب آهن. پبلڪ هيلٿ سکر جي آفيسرن ليئو ئي نه پاتو.

هتان جي رهواسين علي گل ، فقير اعظم ، ظهير مهتم ، سليم ڪنڀر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان  حڪومت سنڌ ، ڊي سي سکر ۽ پبلڪ هيلٿ جي اعلي آفيسرن کان گهر ٿا ڪيون  ته جلد کان جلد شهر جو مين  ڊسپوزل  جيڪو اسان جي پاڙن جي ڀر ۾ ان جي خراب پيل  مشينن جو ڪو  بندو بست ڪري.***وڳڻ مان علي مصطفيٰ بروهي موجب برسات پوڻ  سبب ساريون ڪري پيون آهن ۽ نسريل سنگ پاڻي ۾ ڪري پيا آهن جنهن سبب ڳرڻ جو خطرو آهي.

هر طرف پاڻي بيٺل آهي ۽ بجلي غائب آهي. ٽائون انتظاميه  توڙي يو سي چيئرمين طرفان پاڻي  نيڪال لاء  ڪي اپاء نه ورتا ويا آهن سماجي اڳواڻن ۽ شھرين منير ٽوٽاڻي عبدالحليم ٻرڙو جي ايم وڳڻ  گلاب وڳڻ ممتاز وڳڻ سجاد سومرو انور علي مغيري سعيد بروهي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته پاڻي ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.*** ورڪشاپ مان اياز لطيف شر موجب ڳوٺ ڪوڙوخان رند,محمداسماعيل رند ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستو برساتي پاڻي هيٺ اچي ويو آهي ۽ رابطو ڪٽجي ويو آهي. ***پکو مان عبدالوحيد ميئو موجب شھر ۾ بيٺل گوڏي جيڏي پاڻي کي ڪڍڻ لاءّ يوسي خيرپور جوسو انتظاميه  پاران صفائي لاء ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا.

نيڪال جو انتظام مڪمل نه هئڻ ڪري شهر جي سمورن محلن جون گهٽيون برسات جي پاڻيءَ سان ڀريل آھن  جڏھن ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽر ناليون بند ٿيڻ ڪري برسات جو پاڻيءَ گهرن ۾ ڪاهي پيو آھي. ***رتوديرو مان عطاءَ الله بروهي بارش سبب شهر جي مين چپل بازاز ، ميونسپل روڊ ، امروٽي چڪ، مين بس اسٽاپ سميت شهر جي ڪيترن ئي روڊن ۽ گهٽين ۾ مينهن ۽ نالين جو گندو پاڻي بيهجي ويو.

جنهن کي هن وقت تائين  ميونسپل انتظاميه شهر جي صفائي لاءِ ڪو به عملو نه موڪليو آهي جنهن جي ڪري نالين جو گندو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيهجي وڃڻ ڪري شهرين کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏاڍي تڪليف  ٿي رهي آهي. ***لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد ابڙو موجب برسات کان پوءِ ڀينس ڪالوني، پراڻو ٽئنڪ چوڪ محلو، رحمت پور، ريلوي ڪالوني، نظر محلو، ڪوثر مل محلو، پراڻو اسٽان، گجڻ پور، رسول آباد، ايس ايس پي چوڪ، غريب آباد محلو، لهر ڪالوني، فيصل ڪالوني، نئون ديرو روڊ، پراڻي سبزي منڊي، گرلس اسڪول روڊ سميت ٻيا علائقا برسات جي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا.

جنهن برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ميئر لاڙڪاڻو ڪي به جوڳا قدم نه کنيا، جنهن جي ڪري شهرواسي پريشان آهن.   

پهنجو تبصرو موڪليو