اڳوڻو اسپيڪر ۽ وزير آغا سراج دراني وفات ڪري ويو

اڳوڻو اسپيڪر ۽ وزير آغا سراج دراني وفات ڪري ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي جو ٻه ڀيرا سپيڪر ۽ صوبائي وزير رهندڙ آغا سراج خان دراني ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 72 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪندڙ آغا سراج دراني صدر آصف علي زرداري جو ويجهو دوست هو ۽ سڄي ڄمار پيپلزپارٽي سان وابسطا رهيو. وارث سندس مڙهه اباڻي علائقي، شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين تدفين لاءِ کڻي وڃڻ جي تيارين ۾ آهن، صدر آصف علي زرداري پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ مرحوم جي مغفرت جي دعا ڪندي سندس وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن سندس جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪئندي خراج پيش ڪيو. آغا سراج دراني 5 آڪٽوبر 1953 تي جنم ورتو ۽ ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان حاصل ڪئي. هن ايس ايم لا ڪاليج مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پونئرن کي صبر ڪرڻ  جي دعا گهري ۽ مرحوم جي درجات بلندي لاءِ دعا گهري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آغا سراج دراني جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو هڪ مخلص، وفادار ۽ اصول پسند اڳواڻ هو، آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي کي مضبوط ڪرڻ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مرحوم آغا سراج دراني جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، آغا سراج دراني عوامي خدمت کي پنهنجي سياست جو محور بڻايو، الله تعاليٰ مرحوم آغا سراج دراني جا درجا بلند ڪري،سنڌ جو وڏو وزير مرحوم جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو ۽ صبر جي دعا ڪري ٿو. …سنڌ جي سينئر وزير  ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير  شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي  لاڏاڻي تي تعزيت جو اظھار ڪندي گھري ڏُک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جي لاءِ آغا سراج دراني جي سياسي، سماجي خدمتون نھ وسارڻ جوڳيون آھن، آغا سراج دران ھڪ باوقار، وفادار ۽ تجربيڪار سياسي اڳواڻ ھو، جنھن سدائين صوبي جي عوام جي خدمت کي پنھنجو مقصد بڻايو. ھن چيو تھ آغا سراج دراني نھ رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جو ھڪ مخلص ڪارڪن ھو پر ھُو جمھوري روايتن جو علمبردار بھ ھو، سندس پوري زندگي عوامي خدمت، جمھوريت جي بالادستي ۽ عوام جي حقن جي لاءِ جدوجھد ۾ گذري. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ آغا سراج دراني جي سياس بصيرت، انتظامي صلاحيت ۽ پارلياماني تجربو پيپلز پارٽي جي لاءِ ھڪ قيمتي اثاثو ھو، سندس لاڏاڻي سان نھ رڳو پاڪستان پيپلز   پارٽي پر سنڌ جي سياست ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آھي جيڪو ورھين تائين ڀرجي نھ سگھبو.  ھن وڌيڪ چيو تھ ڏُک جي ھن گھڙي ۾ مرحوم آغا سراجي دراني جي گھر ڀاتين سان ھمدردي جو اظھار ڪريون ٿا، اللھ تعاليٰ مرحوم آغا سراج دراني کي بلند درجات ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو