ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري 5 جولاءِ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اچو ته آمرن جي ورثي کي دفن ڪريون.پيپلز پارٽي هر سال وانگر 5 جولاءِ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهي آهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪيو آهي.بلاول ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي تاريخ جي اونداهي باب جي شروعات جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي ورهاڱي جا جيڪي ٻج پوکيا ويا اهي اڄ به نفرتن جا ميوا پوکي رهيا آهن.هن وڌيڪ لکيو آهي ته ’اچو ته تقسيم ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪري آمرن جي ورثي کي دفن ڪريون.هن ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير 5 جولاءِ ڪاري ڏينهن جو هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو آهي.
