اڄ محترمه جو عوام سان بي انتها محبت جو ڏهاڙو آهي،سالگرهه پيغام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران محترمه بينظير ڀٽو جي خاندان ۽ ڪارڪنن کي سندس سالگرهه جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن کي محترمه بينظير ڀٽو جي قرباني، جدوجهد، عوام ۽ جمهوريت سان بي انتها محبت جو ڏهاڙو ملهايو وڃي محترمه بينظير ڀٽو عظيم قائد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت سيد مراد علي شاهه جي وڏي ڌيءَ هئي.* محترمه بينظير ڀٽو جي بهادري، جدوجهد ۽ شهادت سندس عظيم والد ۽ والده کان ورثي ۾ ملي هئي، محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان مادر وطن جي محبت، جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي بهتري لاءِ قربان ڪئي، جيڪڏهن توهان محترمه بينظير ڀٽو جي عظمت، وطن سان محبت کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ چاهيو ٿا ته ڏسو شاهه ڀٽائي جي سر مارئي

پهنجو تبصرو موڪليو