حڪومت ۽ کين آڻڻ وارن کي هر فورم تي للڪارڻو آهي، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو چيو آهي ته جمهوريت تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، اسانکي ڪٺ پتلي حڪومت ۽ انهن کي آڻڻ وارن کي سڙڪن تي للڪارڻو آهي، انهن کي سمجهائڻو پوندو ته عوامي راءِ جو احترام ڪريو اسانکي ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻي پوندي. حقيقي جمهوريت لاءِ نئين ميثاق جي ضرورت آهي. عوام کي مهانگائي جي عزاب مان ڪڍڻ لاءِ پارليمان ۽ سڙڪن تي انهن کي للڪارڻو آهي. ان کان اڳ ڪل جماعتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته رياست مٿان رياست قائم ٿي چڪي آهي، اسان جو مقابلو عمران خان سان نه پر هن کي آڻيندڙن سان آهي، ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي ته مصلحت کي ڇڏي فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ مان اي پي سي کي پاڪستان کي حقيقي جموهري رياست بڻائڻ لاءِ اهم موڙ سمجهان ٿو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي اي پي سي کي خطاب ڪندي چيو ته جمهوري اصولن کي ڌڪ لڳڻ سان ووٽ جي عزت پائمال ٿيندي آهي ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلين ذريعي من پسند نتيجا حاصل ڪيا ويندا آهن، آئين تي عمل ڪندڙ اڃان تائين ڪٽهڙن ۽ جيلن ۾ آهن، پر ڪنهن به آمر کي وڏي کان وڏي ڏوهه تي ته به ڪو ڇهي نٿو سگهي.

Screen shot

بدقسمتي سان ملڪ کي اِن قسم جي تجربن جي ليبارٽري بڻايو ويندو آهي، هڪ آمر کي آئين ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ پهريون ڀيرو عدالت آندو ويو ته سڀني ڏٺو ته ڇا ٿيو؟ 2 ڀيرا آئين ٽوڙيندڙ کي هڪ ڪلاڪ به جيل ۾ نه وڌو ويو ۽ آئين تي عمل ڪندڙ اڃا تائين جيلن ۾ بند آهن، توهان کي خبر آهي ته ڪا جمهوري حڪومت اچي ته اُن جا هٿ پير ڪيئن ٻڌا ويندا آهن، هتي يا ته مارشل لا هوندو آهي، يا وري متوازي حڪومت قائم ٿيندي آهي. سينيٽ چونڊن کان اڳ هڪ سازش تحت بلوچستان حڪومت کي هٽايو ويو، ان وقت ڪور ڪمانڊر عاصم سليم باجوا هو ۽ بعد ۾ اوهان سينيٽ ۾ ان جو نتيجو ڏٺو. هن چيو ته حمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ سامهون آندو وڃي. هن چيو ته جمهوريت جو مطلب عوامي راءِ هوندي آهي ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن کي حڪمراني جو حق هوندو آهي پر هتي ڪڏهن به ايئن ٿيڻ ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته چونڊن کان اڳ اهو طئي ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن کٽائڻو آهي ۽ ڪنهن کي هارائڻو آهي. هن چيو ته ڪنهن وزيراعظم کي مدو مڪمل نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي، ڪنهن کي ڦاهي، ڪنهن کي جيل ٽه ڪنهن کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته چونڦ نتيجا چورائڻ آئين شڪني ۽ عوامي حق تي ڌاڙو آهي. ڌانڌلي جي ذميوارن ۽ چيف اليڪشن ڪميشنرکي حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت ڏسي ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪيو، پرڏيهي پاليسي چونڊيل حڪومت کي ٺاهڻي پوندي، غلط پاليسي سبب ڪڏهن ايف اي ٽي ايف تي وضاحت ٿا ڪريون ته ڪڏهن ڪٿي، سڄي دنيا ۾ ملڪ خوار ٿيو آهي هنن جي پاليسين سبب. هن چيو ته نيب کي ختم نه ڪرڻ اسانجي غلطي هئي، نيب حڪومت جو اپوزيشن کان انتقام وٺڻ لاءِ آله ڪار بڻيل آهي.جاويد اقبال نازيبا حرڪتون ڪندي پڪڙيو ويو ڪنهن کانئس پڇو ئي نه،  ان شخص جو جلد يوم حساب اچڻ وارو آهي. هن چيو جيڪو نيب کان بچي ٿو ان کي ايف آءِ اي پڪڙي ٿي، ان کان بچي ته نارڪوٽڪس وارا ٿا پڪڙن هي ڪهڙو احتساب آهي. هن چيو ته جنرل عاضم سليم باجوا جي اربين روپين جي ملڪيت ظاهر ٿي، کنڊ جي بحران ۾ عمران خان ملوث آهي، خيرات گڏ ڪندڙ عليمه خان اربين روپيا ڪٿان آندا، نيب انهن کان ڇو نٿي پڇي؟ عمران خان بني گالا ۽ زمان پارڪ ۾ گهر ڪٿان ٺاهيو؟ ان کان اڳ خطاب ڪندي  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هي جمهوريت ناهي، ايئن ملڪ ناهن هلندا، ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، بلاول پهرين ڏينهن چيو هو ته وزيراعظم سليڪٽڊ آهي.

Screen shot

حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري پوءِ سک جو ساهه کڻنداسين، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا، آصف علي زرداري چيو ته حالتن کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، ماڻهو اسان کي ٻڌن ٿا ۽ ٻڌندا رهندا، ميڊيا تي پابندي لڳائڻ ناممڪن آهي، هن چيو ته مريم نواز کي سلام پيش ڪريان ٿو، ساڻس گڏ آهيون، مريم نواز قوم جي ڌيءُ آهي، هن گهڻيون تڪليفون سٺيون، هي حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته اي پي سي بعد کيس گرفتار ڪيو ويندو ۽ اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان ملاقات تي ضرور ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو