اٽلي جي سفارتخاني مان 1000 شينجن ويزا جا اسٽيڪر چوري

اٽلي جي سفارتخاني مان 1000 شينجن ويزا جا اسٽيڪر چوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي اٽلي جي سفارتخاني مان چوري ٿيل هڪ هزار شينجن ويزا جا اسٽيڪر چوري ٿيڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اٽلي جي سفارتخاني 14 جون تي پرڏيهي کاتي کي خط لکي جاچ ۾ مدد جي درخواسٽ ڪئي هئي. جنهن بعد پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ايف آءِ اي کي جاچ لاءِ خط لکيو. ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سفارتخاني اندر هي چوري جي وڏي واردات آهي. سفارتخاني موجب سيريل نمبر آءِ ٽي اي 041915751 کان 041916000 جا 250 اسٽيڪر چوري ٿيا آهن. جڏهن ته سيريل نمبر آءِ ٽي اي 041913251 کان 04191400 جا 750 ويزا اسٽيڪر چوري ٿيا آهن. سفارتخاني سمورن هوائي اڏن تي انهن نمبر وارن اسٽيڪرن جي ويزا تي سفر ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته چوري ۾ سفاتخاني جا مقامي ملازم ملوث آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو