ايپل پاران نئون آءِ فون 13 آڪٽوبر تي لانچ ڪرڻ جو اعلان

ايپل پاران نئون آءِ فون 13 آڪٽوبر تي لانچ ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آءِ فون ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني ايپل آءِ فون 12 لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪافي ڏينهن کان مداحن کي آءِ فون جي نئين ماڊل جو انتظار هو ۽ ڪورونا وبا سبب آءِ فون 12 جي لانچنگ ۾ دير ٿي ۽ مارڪيٽ ۾ فون جي نئين ماڊل ۽ فيچرز بابت مختلف ليڪس رپورٽ ٿينديون رهيون. هاڻي ايپل اعلان ڪيو آهي ته 13 آڪٽوبر تي هو نئون فون لانچ ڪندا. ڪمپني فون جي قيمت ۽ فيچرز بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو پر مارڪيٽ ۾ افواهه آهن ته قيمت 800 کان 11 سو ڊالر هوندي. هن ماڊل م فائيو جي جو آپشن به هوندو. ڪمپني چيو آهي ته لانچنگ ڪمپني جي ويب سائيٽ تي آن لائن ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو