ايپل پاران آئي فون ڪرائي تي ڏيڻ جو منصوبو

ايپل پاران آئي فون ڪرائي تي ڏيڻ جو منصوبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايپل آئي فونز سميت مستقبل جي هارڊويئر پراڊڪٽس لاءِ سبسڪرپشن ماڊل تي ڪم ڪري رهي آهي، اها دعويٰ بلومبرگ جي هڪ رپورٽ ۾ ڪئي وئي. جيڪڏهن هي سبسڪرپشن ماڊل لاڳو ٿئي ٿو، صارفين ايپل پراڊڪٽس جا مالڪ نه هوندا پر انهن کي استعمال ڪرڻ لاء ماهوار ڪرايو ادا ڪندا، جهڙوڪ اوهان ڪرائي تي گهر وٺندا آهيو. جيتوڻيڪ پروگرام اڃا مشاورت  هيٺ آهي، جيڪو ايندڙ سال ۾ متعارف ٿيندو. سروس ۾ ايپل ڪيئر ۽ ايپل ون منصوبا شامل هوندا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صارفين ايپل آئي ڊي يا ايپل اسٽور اڪائونٽس مان هارڊويئر سبسڪرائب يا ڪرائي تي وٺي سگهندا. ان ۾ قسط جي ادائيگي وارو پروگرام نه هوندو پر ان تي منحصر هوندو ته توهان ڪهڙي ڊوائيس چونڊيو ٿا. پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي اهو اختيار پڻ هوندو ته هو پنهنجي ڊوائيس کي تبديل ڪري سگھن جڏهن نئون ماڊل متعارف ڪرايو ويندو. ياد رهي ته ايپل عام طور تي سال ۾ هڪ ڀيرو نوان هارڊويئر پراڊڪٽ متعارف ڪرائيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو