اين اي 221 تان پي پي اميدوار وڏي ليڊ سان ڪامياب

مٺي (ن سنڌيار) ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 221 تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اُميدوار امير علي شاهه جيلاني هڪ لک 2 هزار 232 ووٽ کڻي ڪامياب قرار، مٺي جي رٽرننگ آفيسر ميان محمد شاهد سومر تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو گڏيل اميدوار نظام الدين راهمون 52 هزار 522 ووٽ کڻي سگهيو، نتيجن موجب تڪ تي هڪ لک 24 هزار 801 مان 78 هزار 61 عورتن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، اين اي 221 تي ننڍي چونڊ دوران ووٽن جي شرح 58 سيڪڙو رهي. هي سيٽ پير نورمحمد شاهه جيلاني جي گذريل ڊسمبر ۾ ڪووڊ سبب وفات جيڪري خالي ٿي هئي ۽ ننڍي چونڊ ۾ سندس پٽ ڪاميابي ماڻي آهي. آچر تي پولنگ دوران ڇاڇرو ۾ بيلٽ باڪس کي باهه ڏني وئي هئي ۽ فائرنگ به ڪئي وئي هئي، جهيڙن جهٽن جا واقعا به ٿيا پر مجموعي طور چونڊ پر امن رهي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو