ايم ڪيو ايم ڪارڪن رحمان عرف ڀولا پوليس حراست مان آزاد

ايم ڪيو ايم ڪارڪن رحمان عرف ڀولا پوليس حراست مان آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪارڪن رحمان عرف ڀولا کي پوليس حراست مان رهائي ملي وئي آهي.ذرائع موجب ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادرآباد تي جھگڙي ۽ فائرنگ جو واقعو پيش اچڻ بعد بلديہ سانحي ڪيس مان حال ئي ۾ بَري ٿيل رحمان عرف ڀولا کي نارتھ ناظم آباد واري گھر مان حراست ۾ ورتو ويو هو.رحمان عرف ڀولا کي گھر مان حراست ۾ وٺڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به منظرِ عام تي آئي هئي. ميڊيا رپورٽن موجب ذرائع تصديق ڪئي آهي ته پوليس پاران رحمان عرف ڀولا کي پوليس حراست مان آزاد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو