ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ برين هيمرج سبب فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل شهر جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان موجب ڪنور نويد جميل گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بيمار هو ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل هو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻو ميمبر سنڌ اسمبلي پارٽي جو اثاثو هو. ياد رهي ته ڪنور نويد جميل 15 مارچ 1964ع تي ڄائو، جناح لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان بي ايس سي ڪيائين. ڪنورنويد جميل 2005ع ۾ حيدرآباد ضلعي جو ايڊمنسٽريٽر، 1990ع ۽ 2013ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ڪنورنويد جميل 2002ع ۾ 2018ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو