ايم پي اي سمابيه طاهر جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عدالت جي حڪم تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي صمبيا طاهر کي اڊيالا جيل موڪليو ويو.پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي سمابيه طاهر کي اڄ ڊيوٽي مئجسٽريٽ خالد حيات جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران پوليس سمابيه طاهر جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.عدالت سمبيه طاهر جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي کيس 3 آگسٽ تائين سڃاڻپ پريڊ لاءِ اڊيالا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو