اسلم ابڙو جو ڀاءُ ۽ ڀائٽيو قتل، 2 ڄڻا زخمي، پ پ قيادت جي مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڊفينس 7 واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جو ڀاءُ ۽ ڀائٽيو مارجي ويا، 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن. ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا ميڊيا کي ٻڌايو ته ايم پي اي اسلم ابڙو جو ڀاءُ 68 سالن جو اڪرم ابڙو پنهنجي 40 سالن جي پٽ شهريار ۽ ٻين سان گڏ گاڏي ۾ سوا يارهين وڳي خيابان شمشير مان ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو ته تار ۾ ويٺل نامعلوم هٿياربندن، جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار هئا تن مٿن فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ ۾ اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، زخمين ۾ عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور شامل آهن. زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وئي ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي سنڌ بار ڪائونسل موجب مقتول اڪرم ابڙو سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر هو. اڪرم ابڙو جا ڪجهه ڌرين سان ناردرن باءِ پاس تي پلاٽن جي معاملي تي به اختلاف هلندڙ هئا. ٻنهي پيءُ پٽ جو اڳ ۾ هڪ خاندان جي ڇوڪرين سان لفٽ ۾ به جهيڙو ٿيو هو جنهن بعد هڪ همراهه پسٽل کڻي ٻنهي کي گاريون ڏئي رهيو هو ۽ اها ويڊيو وائرل به ٿي هئي. هوڏانهن پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ اسيمبلي ميمبر اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اڪرم ابڙو ۽ شهريار ابڙو جو وحشياڻو قتل دهشتگردي آهي، قاتلن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،مان اسلم ابڙو سميت سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ کين اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي حوصلو عطا فرمائي،دعا آهي ته الله اڪرم ابڙو شهيد ۽ شهريار ابڙو شهيد کي بلند درجات عطا فرمائي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. پيپلز پارٽي جي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر پارٽي ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته اڪرم ابڙو ۽ شهريار ابڙو جو وحشياڻو قتل مذمت جوڳو ناهي،اميد آهي ته پوليس دهشتگردي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي،فريال ٽالپر اسلم ابڙو سميت سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجات بلند ڪري ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي

پهنجو تبصرو موڪليو