ايف آءِ اي کي به سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي؛ پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته منشيات فورس (اي اين ايف) ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) وانگي وفاقي تحقيقاتي ايجنسي ايف آءِ اي کي به سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. جج ارشد ملڪ وڊيو ڪيس جي تحقيقات جي سلسلي ۾ اڄ مسلم ليگ اڳواڻ پرويز رشيد ايف آءِ اي سامهون پيش ٿيو ۽ عظميٰ بخاري پيش نه ٿي ۽ ان جي وڪيل پيشي لاءِ نئين تاريخ جي درخواست جمع ڪرائي. پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ايف آءِ اي جو جيڪو ڪم آهي ان کان اهو ڪم نه پيو ورتو وڃي ان کان به نيب وارو ڪم ورتو پيو وڃي. پرويز رشيد ٻڌايو ته ايف آءِ اي انتظاميه اهڙا سوال پڇيا جن جو منهن نه مٿو هيو هنن پڇيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ڪير ڪير هيو جڏهن ته پريس ڪانفرنس ۾ ڪير ڪير هيو سڀني کي خبر آهي ۽ پڇيو ويو ته وڊيو ڪنهن ڏني جيڪا سڀني کي خبر آهي. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ايف آءِ اي انتظاميه ٻيهر مون کي گهرائڻ جي حوالي سان پڇيو جنهن تي جواب ڏنو ته جڏهن به گهرائيندو حاضر ٿيندس. حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي ايف آءِ اي جي گهرائڻ سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي ان ڪري حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.  وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي پرويز رشيد چيو ته اهو ماڻهو جيڪو چوندو هو ته اين آر او نه ڏيندس هاڻي پنهنجي دوستن کي اين آر او ڏئي رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اي اين ايف ۽ نيب کان پوءِ ايف آءِ اي کي به سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي پر ٽئي ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن. پرويز رشيد چيو ته اي اين ايف حنيف عباسي ۽ رانا ثناءُالله ڪيس ۾ ناڪام ٿي بس هاڻي حڪومت جو ڪم ادارن کي ناڪامي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ بچيو آهي. پرويز رشيد نوازشريف جي وطن واپسي تي ڳالهائيندي چيو ته نوازشريف جي طبيعت خراب آهي ان کي دعائن جي ضرورت آهي هو جيئن ئي صحتياب ٿيندو وطن واپس ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو