لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا جي عزيز صابر مٺو کي طلب ڪري ورتو.ايف آءِ اي موجب صابر مٺو کي اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت 23 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي، سندس خلاف ڪال اپ نوٽيس سندس ٽن گهرن تي موڪليا ويا آهن.ايف آءِ اي جي نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته صابر مٺو جا 19 بئنڪ اڪائونٽس آهن، جن مان 14 اڪائونٽس پاڪستاني ۽ 5 پرڏيهي بئنڪن ۾ آهن، انهن اڪائونٽن ذريعي 5 ارب 34 ڪروڙ رپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته دورو ڪيل ملڪن جا تفصيل،توهان جي آف شور ۽ شيل ڪمپنين جا سڀئي رڪارڊ پڻ آڻيو.ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ملڪيتن ۽ گاڏين جا تفصيل پرڏيهي ڪرنسي جي خريداري ۽ وڪري جو سمورو رڪارڊ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ايئرپورٽن تي توهان ۽ توهان جي خاندان طرفان ظاهر ڪيل پرڏيهي ڪرنسي جا تفصيل فراهم ڪريو.نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن انهن هدايتن تي عمل نه ڪيو ويو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
