ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو.مراد علي شاهه صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ ڪراچي ۾ جاري مختلف منصوبن جو دورو ڪيو.مراد علي شاهه ايس ايس پي کي ڪورنگي ڪاز وي تي ڪيمپ آفيس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪورنگي ڪاز وي تي ڪچرو اڇلائيندو ته ڊي سي ۽ ايس ايس پي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڪورنگي ڪاز وي جي تعمير بابت بريفنگ ڏني وئي.بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪورنگي ڪاز وي منصوبي جو پي سي ون 4677.551 ملين رپيا آهي، منصوبو 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.سنڌ جي وڏي وزير ڪورنگي ڪاز وي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير ملير ايڪسپريس وي جي قائد آباد پل جي حصي جو معائنو ڪيو.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ملير ايڪسپريس وي بابت بريفنگ پڻ ڏني.بريفنگ ۾ مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته ملير ايڪسپريس وي جو منصوبو 12 مئي 2022ع تي شروع ڪيو ويو، جيڪو 3 سالن ۾ مڪمل ٿيندو، ملير ايڪسپريس وي ڄام صادق پل کان ڪاٺور ايم نائن تائين ميگا پراجيڪٽ آهي، هن منصوبي جي لاڳت 38.66 آهي. ڪلوميٽر ڊگهو آهي،سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملير ايڪسپريس وي تي 6 انٽرچينج ۽ 2 ٽول پلازا هوندا، ملير ايڪسپريس وي جي سيڪشن 1 جي متوقع ٽائم لائن ۾ 3 مهينا دير ٿي وئي آهي، نظرثاني ٿيل ٽائم لائن 18 کان 21 مهينن جي آهي ملير ايڪسپريس وي لاءِ 13818 ملين رپيا رکيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو