ايس آر بي چيئرمين سان ملاقات، روينيو ۾ 23 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سنڌ روينيو بورڊ جي چيئرمين واصف ميمڻ ملاقات ڪئي،ترجمان وزيراعليٰ هائوس موجب ملاقات ۾ ايس آر بي جي روينيو وصولي جو جائزو ورتو ويو،ايس آر بي مالي سال 24-2023 ۾ مارچ تائين 185.2 بلين رپيا جمع ڪيا آهن،گذريل سال مارچ 2022-23 تائين 148.3 بلين رپيا گڏ ٿيا،وڏي وزير سيدمراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ SRB 29 سيڪڙو کان وڌيڪ گڏ ڪيو آهي،اپريل 2024ع ۾ ايس آر بي 18.8 بلين رپيا گڏ ڪيا آهن،گذريل سال اپريل 2023 ۾، SRB 15.2 بلين رپيا گڏ ڪيا،سنڌ جي وڏي وزير چيو ته رڳو هن سال اپريل لاءِ ايس آر بي جي جمع ڪيل رقم گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 23 سيڪڙو وڌيڪ آهي،سنڌ روينيو بورڊ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو بهترين ادارو بڻجي ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو