ايران ۾ 9 پاڪستاني پورهيت بيدرديءَ سان قتل

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي شهر سراوان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن نوَ پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، پاڪستاني سرحد سان لڳندڙ ايراني صوبي سيستان ۽ بلوچستان جي شهر سراوان ۾ اڻچاتل هٿياربندن پاڪستاني پورهيتن کي قتل ڪيو.مقامي بلوچ رائٽس گروپ جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا زخمي ٿيا، متاثر ۽ مارجي ويل پورهيت پاڪستاني هئا جيڪي مقامي ورڪشاپ تي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اتي رهندڙ هئا. خابرو اداري موجب، هنيئر تائين ڪنهن تنظيم طرفان واقعي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي وئي. ٻئي پاسي ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو به واقعي ۾ 9 پاڪستانين پورهيتن جي قتل جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سراوان ۾ نوَ پاڪستانين کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستاني سفارت خانو سوڳوار ڪٽنب جي مڪمل پرگهور لهندو، زاهدان ۾ پاڪستاني قونصل جنرل واقعي واري هنڌ ۽ اسپتال جو دورو ڪري چڪو آهي. پاڪستاني سفير جو چوڻ هوته ايران سان پاڪستاني شهرين جي قتل جي واقعي تي مڪمل سهڪار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو