ايران سميت اولهه طرف کان ايندڙ اڏامن جي نگراني شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ايران سميت اولهه طرف کان ايندڙ سمورين اڏامن جي نگراني شروع ڪري ڇڏي.سول ايوي ايشن (سي اي اي) ذريعن موجب مغربي سرحدن تي هوا ۾ ٿيندڙ هر سرگرمي تي نظر رکي رهي آهي ۽ پاڪستاني حدن اندر اولهه کان ايندڙ سمورن اڏام جي سخت نگراني ڪرڻ ۽ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايران سميت اولهه جي سمورن اڏامن جا تفصيل گڏ ڪن، ان کان اڳ اولهه کان پاڪستان ايندڙ اڏامن جي ڪا به نگراني نه هئي.ذريعن موجب پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ فضائي حدون ڪمرشل اڏامن لاءِ کليل آهن، اي ٽي سي کي ايران لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جي هدايت نه ملي آهي ۽ نه ئي پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڪمرشل اڏامون بند ڪرڻ جي ڪا هدايت ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو