تهران(ويب ديسڪ) ايران جي صدر حسن روحاني جي ڀاءُ حسين فريدون کي مبينه ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدالت 5 سال سزا ٻڌائيندي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. ايران جي خابرو اداري فارس موجب عدالتي ترجمان موجب مٿس رشوت ۽ مني لانڊرنگ جا ٻيا الزام به آهن جن بابت سزا بعد ۾ ملي سگهي ٿي. کيس 2017 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هڪ ڏينهن جيل ۾ رکڻ بعد سندس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو. ان وقت ايراني ميڊيا ۾ خبرون آيون هيون ته هن هڪ ڪروڙ 53 لک ڊالر ادا ڪيا هئا پر ان جي ڪا به تصديق نه ٿي سگهي هئي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز به کيس مليل سزا ۽ جيل اماڻڻ جي تصديق ڪئي آهي. ايران جي عدالتي ترجمان غلام حسين اسماعيلي به سزا جي تصديق ڪئي آهي. حسين فريدون ملائيشيا ۾ 8 سال سفير رهيو ۽ صدر جو خاص معاون به رهي چڪو آهي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو