ايان علي جو نئون البم ‘نٿنگ لائيڪ ايوري ٿنگ’ رليز

ايان علي جو نئون البم ‘نٿنگ لائيڪ ايوري ٿنگ’ رليز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرنسي گرل ۽ ڊالر گرل طور شهرت ماڻيندڙ ماڊل ايان علي آخر ڪار پنهنجو نئون البم جاري ڪري ڇڏيو. ‘نٿنگ لائيڪ ايوري ٿنگ’ نالي البم بابت خبر هن پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ جاري ڪندي چيو آهي ته هن البم جي گانن جا اينيميٽيڊ وڊيوز به جلد جاري ڪيا ويندا.

ايان علي جو چوڻ آهي ته 5 سالن کان مون هن البم تي ڪم پئي ڪيو پر شڪر آهي ته هاڻي تيار آهي. ياد رهي ته ايان علي تي ڪرنسي اسمگلنگ جو ڪسٽم وارن ڪيس داخل ڪيو هو. جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ به سندس نالو آيو ته هن جي ۽ بلاول ڀٽو جي فضائي سفر جي ٽڪيٽن جي خريداري هڪ ئي اڪائونٽ مان ٿيندي رهي هئي. هوءَ ضمانت بعد ملڪ کان ٻاهر هلي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو