اياز لطيف سان شھنازحاجاڻو ۽ ٻين جي ملاقات، چارٽر آف ڊمانڊ پيش

حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ايازلطيف پليجو سان لاآفيس ۾ جذبا فورم ۽ سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ جي اڳواڻن شھنازحاجاڻو ماروي اعواڻ ايم پرڪاش پشپا ڪماري، شھناز شيدي، عتيق ملاح جي اڳواڻي وفد ملاقات ڪئي. کيس عورتن نوجوانن ۽ اقليتن کي مڪاني ادارن کان ويندي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ برابرجي بنياد تي نمائندگي ڏيڻ ۽ فيصلاسازي جي حوالي سان سياسي جماعتن جي منشور ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تيار ڪيل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ عورتن، نوجوانن ۽ اقليتن کي اسيمبلين ۾ برابري جي بنياد تي حصو ڏيڻ بابت مهم وقتائتو قدم آهي، اسيمبلين ۾ رڳو عورتن کي برابري جي بنياد تي شامل ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، پر انهن عورت ميمبرن کي فيصلاسازي جو اختيار بہ هجڻ گهرجي، عورت اسيمبلي ميمبر بااختيار نہ هجڻ ۽ کين فيصلاسازي جو اختيار نہ هجڻ ڪري اسيمبلين مان عورتن جي حقن بابت ڪا موثر قانونسازي نہ ٿي سگهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي عورتون اسيمبلين ۾ آهن اهي ايتريون بااختيار ناهن جو پنهنجي پارٽي جي ڪنهن غلط فيصلي يا ڪنهن بل جي پارٽي جي اجازت کانسواءِ مخالفت بہ ڪري سگهن،اهو ئي سبب آهي تہ اهي عورت ميمبر عورتن جي لاءِ ڪا سگهاري قانونسازي نہ ڪرائي سگهيون آهن، عورت اسيمبلي پنهنجي خواهش باجود قانون سازي نٿيون ڪرائي سگهن.اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي موقعا ملندا آهن، حڪمران ٽولا دفاعي پوزيشن ۾ آهن، عورت ۽ اقليت دشمن قوتون دنيا آڏو پڌريون ٿي چڪيون آهن،سڄي دنيا انتهاپسند ڌرين کي سخت ڪري رهي آهي،اهڙي صورتحال ۾ اسان کي موقعي جو ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ هندو نياڻين جا زوري مذهب تبديل ڪرايا وڃن ٿا، ان مسئلي تي سمورين ڌرين کي هڪ آواز ٿي هندو نياڻين جي مٿي تي رکي سندن تحفظ ڪرڻو پوندو. صنفي اڻبرابري ڪنهن بہ صورت ۾ قبول ناهي عورت اڌ آبادي آهن صنفي اڻبرابري ڪنهن بہ شعبي ۽ اداري ۾ نہ هجڻ گهرجي. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن زينت سمون ادي نصرت خاصخيلي، فرحان سولنگي ايڊوڪيٽ ارشاد چنا، رحمت الله سولنگي، پروفيسر مجدد قريشي ۽ مرڪزي اڳواڻ پڻ موجود هئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو