او آءِ سي غزه ۾ جنگبندي لاءِ گڏجي ڪم ڪري: اسحاق ڊار

بنجول: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته او آءِ سي ملڪ غزه ۾ جنگبندي ۽ انساني امداد جي لاءِ بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڪم ڪن.او آءِ سي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير غزه ۾ جاري اسرائيلي وحشياڻي حملن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، پرڏيهي وزير خودمختار فلسطيني رياست ۽ گڏيل قومن ۾ مڪمل رڪنيت لاءِ حمايت جو ارادو پڻ ڪيو.هن چيو ته او آءِ سي ملڪ غزه ۾ جنگبندي ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي انساني امداد لاءِ گڏجي ڪم ڪن. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته والاريل جمون، ڪشمير ۾ ڀارت هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي.اسحاق ڊار ان موقعي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير هندستان جي غيرقانوني طور جي خلاف والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي حمايت تي آذربائيجان جي مضبوط ۽ اصولي موقف جي به تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو