اوٻاوڙو ۾ پوليس ۽ ڏوهارين مقابلو، 3 ڌاڙيل مارجي ويا

اوٻاوڙو: (ن س) اوٻاوڙو ڀرسان رانوتي ٿاڻي جي حد سي پيڪ ڀرسان رانوتي پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو جنھن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا جن جا لاش تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪري ڇڏيا آهن.رانوتي پوليس جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو آهي ته رانوتي جي ڪچي واري علائقي رانوتي ٻيلو وٽ ڏوهاري ڏوهه ڪرڻ لاءِ سي پيڪ تي چڙھيا ته سي پيڪ 484 لوڪيشن وٽ پوليس مقابلو ٿي پيو پوليس ۽ ڏوهارين وچ مسلسل هڪ ڪلاڪ جي فائرنگ بعد ٽنھي ڏوهارين کي ماريو ويو آهي. مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ بدنام ڏوهاري قبول شر، علي مراد تڙت، شاھ مراد تڙت طور ٿي آهي جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين جي قبضي مان ھڪ عدد ڪلاشنڪوف ھڪ عدد G3 رائفل برآمد ڪيون ويون آهن مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار محمد امين چاچڙ بہ زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ پوليس جي ڪارروائي جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو