اوهان جي تعريف ڪئي آهي، فواد جو اليڪشن ڪميشن آڏو بيان

اوهان جي تعريف ڪئي آهي، فواد جو اليڪشن ڪميشن آڏو بيان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو ۽ اليڪشن ڪميشن جي ساراهه ڪئي.اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن آڏو بيان قلمبند ڪرايو.بئنچ آڏو پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان اوهان جي ايتري قدر ڪئي جو اوهان نوٽيس نه ورتو، پوري قوم کي ٻن ادارن تي اعتماد آهي، هڪ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيو سپريم ڪورٽ آهي، اسان اوهان جي ايتري قدر ڪري سگهو ٿا، جنهن مان ٻاهر نڪري سگهون. موجوده بحران، سڄي قوم توهان سان گڏ بيٺي آهي، اسان توهان کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا.فواد چوڌري چيو ته اسان جي دعا آهي ته الله اوهان کي استحڪام ڏئي ۽ اوهان سمورن دٻاءُ کي رد ڪري چونڊون ڪرايون، اوهان سمورن ميمبرن جو ماضي ۾ اهم ڪيريئر رهيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ جي بيان تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر بابر ڀرواڻي چيو ته اسان جي لاءِ پاڪستان ترجيح آهي، سياسي پارٽيون ۽ ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهندا، ملڪ کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ اهو تڏهن ئي ٿيندو جڏهن ادارا پنهنجو ڪم ڪندا، جنهن ڏينهن اهي ڪم ڪندا. اسيمبليون هلي رهيون آهن، اسان گورنرن کي لکيو آهي، اسان پنهنجو فرض ڪري رهيا آهيون، طريقيڪار تي عمل ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو