انڊس هاءِ وي تي حادثو، نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي

انڊس هاءِ وي تي حادثو، نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي

 غوثپور (عبدالنبي ملڪ) انڊس هاءِ وي تي انڙ واھ ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل کي زور دار ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڪنڌڪوٽ واسي 30 ورهين جو نوجوان عرفان گولو چيباٽجي فوت ٿيو ويو جڏھن ته سندن ڀاءُ ڪامران گولو سميت ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوتي نوجوان جو لاش حد جي پوليس کڻائي غوثپور اسپتال آندو جتي فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا. زخمين کي علاج لاءِ وڌيڪ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي حد جي پوليس  ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي سوگھو ڪري ورتو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو