ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 88 پئسا سستو ٿي 288 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ گذريل ڪاروباري ڏينهن ڊالر 289 رپيا 38 پئسا تي بند ٿيو.ان کان علاوه ڪالهه واپار دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 534 پوائنٽس جي واڌ سان 48 هزار 764 تي بند ٿيو.ڪالهه اڱاري ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 55 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جنهن جي ماليت 20 ارب رپيا هئي.
