ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي، آمريڪي ڊالر انٽربينڪ تي سستو هو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 31 پئسا سستو ٿيڻ بعد 286 رپيا 40 پئسا تي دستياب آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 286 رپيا 71 پئسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي منفي شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 112 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 41325 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 437 پوائنٽس تي بند ٿيو.
