ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شرميلا فاورقي چيو آهي ته اهڙا ڪهڙا ٿريٽ آهن، انٽرنيٽ ذريعي اهڙا حملا ٿي رهيا آهن خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي پ پ اڳواڻ انٽرنيٽ تي پابندي تي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عجيب صورتحال آهي جڏهن ته احتجاجن ڌرڻو ٿيندو آهي ته انٽرنيٽ بند ٿي ويندي آهي، پي ٽي اي چيئرمين چوي ٿو ته گهرو ڳوزارت مان ليٽر اچي ٿو، انٽر نيٽ بند ڪري ڇڏيون ٿا، 2013ع ۾حالتون ڪيئن هيون، ان جي باوجود انٽرنيٽ بند نه ٿي هئي، هن چيو ته آگست 2023ع کان قائمه ڪميٽي ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتار جو مسئلو اٿاري رهيا آهيون، آگسٽ 2023ع ۾حڪومت چيو ته انٽرنيٽ ڪيبل خراب هئي جڏهن ته حڪومت تازي ميٽنگ ۾چيو ته انٽرنيٽ خرابي جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، هي موقف ڏنو ويو ته انٽرنيٽ جو ڪو مسئلو ناهي، جڏهن ڪو مسئلو ناهي ته حڪومت ڪنهن شئي کي حل ڪرڻ ۾ لڳل آهي، شرميلا فاروقي چيو ته حڪومت جو ويزن آهي ته آئي ٽي سيڪٽر ۾ ايڪسپورٽ کي وڌائڻو آهي، فائر وال لڳائي،انٽرنيٽ اسپيڊ گهٽائي آئي ٽي سيڪٽر کي تباهه ڪيو پيو وڃي، اليمو اهو آهي ته حڪومت ڪجهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي، پ پ اڳواڻ چيو ته عجيب ادارا آهن، آئي ٽي سيڪٽر جا ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، حڪومت سچ چئي رهي آهي. حڪومت کي اهڙا ئي معاملا هلائڻا آهن ته آئي ٽي سيڪٽر پروفيشنلز ڇا ڪندا، هن چيو ته پهريان ئي آئي ٽي پروفيشنلز تي ٽيڪس لڳائي چيلهه چٻي ڪئي وئي ۽ انٽر نيٽ جو مسئلو الڳ آهي، آئي ٽي پروفيشنلز جو بزنس خراب ڪندا ته اهي ملڪ مان هليا ويندا، شرميلا فاروقي وڌيڪ چيو ته ٻڌايو اهڙا ڪهڙا ٿريٽ آهن، جيڪي معشيت کي نقصان ڏئي رهيا آهن، سياسي مسئلا هيمشه کان رهيا، پر مطلب اهو ناهي ته آئي ٽي سيڪٽر کي تباهه ڪري ڇڏجي.










