انقره (ويب ڊيسڪ)ترڪي جي راڄڌاني انقره ۾ دهشتگردن حساس دفاعي اداري تي حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن.ترڪ ميڊيا موجب اهو آپگهاتي حملو هڪ عورت سميت 3 هٿياربندن ڪيو، حملي آورن صنعتي يونٽ جي ڪيترن ئي ملازمن کي يرغمال بڻائي ورتو.شروعاتي اطلاعن موجب ترڪ سيڪيورٽي فورسز 2 حملي آورن کي ماري ڇڏيو آهي.ترڪي جي گهرو وزير حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ترڪي ايرو اسپيس انڊسٽريز (اي ٽي آءِ) جي احاطي تي دهشتگرد حملو ڪيو ويو.ترڪ ميڊيا جي رپورٽ موجب هن علائقي ۾ فائرنگ جا آواز پڻ ٻڌا ويا آهن.عرب ميڊيا موجب ٻن هٿياربند حملي آورن دفاعي صنعتي يونٽ تي ڌماڪيدار مادو اڇلايو ۽ فائرنگ ڪري ڏني. اطلاع آهن ته حملي آورن ۾ هڪ عورت به شامل آهي.










