اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي کي هڪ ٻيو خط لکيو آهي. عليما خان پاران عمران خان جو لکيل خط سپريم ڪورٽ جي آر اينڊ آءِ برانچ ۾ جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيو ته منهنجي ۽ منهنجي زال لاءِ انصاف جا دروازا بند آهن. عمران خان خط ۾ چيو آهي ته مان 772 ڏينهن کان قيد ۾ آهيان، 11×9 ڪمري کي پنڃرو بڻايو ويو آهي، 300 کان وڌيڪ سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال ناهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي صحت خراب ٿي رهي آهي پر ڊاڪٽر کي سندس معائنو ڪرڻ جي اجازت ناهي. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڳالهائيندي عليما خان چيو ته هن چيف جسٽس کي درخواست ڪئي آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا جي معطلي لاءِ ڪيس داخل ڪيو وڃي، چيف جسٽس سرفراز ڊوگر سزا جي معطلي لاءِ ڪيس 25 سيپٽمبر تي طئي ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.










