انسانيت کي لڄائيندڙ جوابدار والد کي عمر قيد جي سزا

انسانيت کي لڄائيندڙ جوابدار والد کي عمر قيد جي سزا

دڙو (رپورٽ شوڪت ميمڻ) سجاول جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي جج پاران انسانيت کي لڄائيندڙ جوابدار پيءُ کي سڳي ڌيء سان زنا ڪرڻ جي ڪيس ۾ عمر قيد ۽ ھڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي، سال 2019ع ۾ ميرپور ساڪرو ٿاڻي جي حد ۾ وحشي جوابدار پي حسين چانڊيو پنھنجي 18 سالن جي سڳي ڌي مينا چانڊيو سان جنسي زيادتي ڪرڻ جو ڪيس سندس جوابدار پيءُ حسين چانڊيو خلاف داخل ڪرايو ھو، ٺٽو جي سيشن جج پاران ڪيس ٻڌڻي لاءِ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سجاول منتقل ڪيو ويو جتي سجاول جي ايڊيشنل سيشن جج نويد حسين ڪولاچي جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، فريادي ڌر جي متاثر مظلوم مينا چانڊيو پاران ڪيس جي پيروي سجاول بار ايسوسيشن جي جنرل سيڪريٽري ۽ ناليواري وڪيل زين العابدين جماري ڪئي، عدالت ۾ جوابدار حسين چانڊيو خلاف  ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت پاران  کيس عمر قيد ۽ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 4 مهينا جيل ڀوڳڻون پوندو. عدالتي حڪم  تي  جوابدار کي جيل منتقل ڪيو ويو. ياد رھي ته وحشي جوابدار پيء پاران ڪيل زنا جي نتيجي ۾ سندس ڌي ڳورھاڙي ٿي ويئي. اھڙي وحشناڪ واقعي سبب انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو