امتحانن دوران لوڊشيڊنگ جو نوٽيس،بنا وقفي بجلي ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه ڪراچي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو,ناصر حسين لوڊشيڊنگ سبب شاگردياڻين جي بي هوش ٿيڻ واري خبر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.ناصر شاهه توانائي کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن امتحاني مرڪزن کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏني وڃي.هن چيو ته امتحاني مرڪزن ۾ بجلي بنا ڪنهن وقفي جي فراهم ڪئي وڃي.واضح رهي ته ڪراچي ۾ ثانوي تعليمي بورڊ تحت ميٽرڪ جا امتحان هلندڙ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو