لاڙڪاڻو(ن س)پنوعاقل مان پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل ناري امام زادي مهر کي سام طور جي ڊي اي، جي ايم پي اي معظم عباسي حوالي ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار علي گوهر مهر سان ڳالهه ٻولهه بعد معظم عباسي امام زادي مهر کي سام طور قبول ڪيو. امام زادي مهر جي بازيابيءَ بعد مهر برادري پاران به ڪلهوڙن جون پلاند ۾ اغوا ڪيل عورتون اڄ پوليس حوالي ڪيون ويون ۽ ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ ان شرط تي اهي عورتون ڪلهوڙن حوالي ڪيون آهن ته کين قتل نه ڪيو ويندو. ڪچي جي رهواسي امام زادي مهر نوجوان وسيم ڪلهوڙو سان پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتي هئي. جنهن بعد گذريل ڏيهن مهر برادري جي هٿياربند ماڻهن پلاند ۾ حملو ڪري ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ٻارڙيءِ ۽ ٻن عورتن کي زوري اغوا ڪيو هو
