اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، اليڪشن ڪميشن سندس بيان جو مناسب جواب ڏئي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، سندس بيان کي اليڪشن ڪميشن ڏٺو هوندو، هو مناسب جواب ڏيندا.هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ۽ اسان جي ذميواري آهي ته اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪري.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي بابت پڇڻ تي مرتضيٰ سولنگي چيو ته سندس واپسي جو نگران حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام روشن آهي.
