اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڳوڻي تڪبندين جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. تڪبندين جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪئي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب تڪبندين جا نقشا به ويب سائيٽ تي موجود آهن، ابتدائي تڪن جي پڌرائي 30 ڏينهن تائين جاري رهندي، يعني 26 آڪٽوبر تائين لاڳاپيل حلقن جو ووٽر ابتدائي تڪبندين تي اعتراض ڪري سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اعتراضن تي 28 آڪٽوبر کان 26 نومبر تائين فيصلا ڪيا ويندا، اعتراض جمع ڪرائيندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو لاڳاپيل تڪ جو ووٽر هجي، ضلعي جو نقشو فيس ادا ڪري اليڪشن ڪميشن کان حاصل ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي آبادي 23 لک 63 هزار 863 آهي، اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جون 3 سيٽون آهن، اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جو ڪوٽا 7 لک 87 هزار 954 آهي.پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ 76 لک 88 هزار 922 آهي، پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جون 141 سيٽون آهن، پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جو ڪوٽا 9 لک 5 هزار 595 آهي.پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلي جون 297 سيٽون آهن، هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جو ڪوٽا 4 لک 29 هزار 929 آهي.سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 آهي، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 61 آهي، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جو ڪوٽا 9 لک 13 هزار 52 آهي.سنڌ ۾ صوبائي اسيمبلي جون 130 سيٽون آهن، سنڌ ۾ هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جو ڪوٽا 4 لک 28 هزار 432 آهي، ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 22 آهي، ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ سنڌ اسيمبلي جون 47 سيٽون آهن.اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه جي آبادي 4 ڪروڙ 856 هزار 97 آهي، خيبرپختونخواهه جي قومي اسيمبلي جون سيٽون 45 آهن، قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جو ڪوٽا 9 لک 7 هزار 913 آهي. صوبي ۾ صوبائي اسيمبلي جون 115 سيٽون آهن، هڪ سيٽ جو ڪوٽا 3 لک 55 هزار 270 آهي.اليڪشن ڪميشن موجب بلوچستان جي آبادي 1 ڪروڙ 48 لک 94 هزار 402 آهي، بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 16 آهي، هتي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جو ڪوٽا 9 لک 30 هزار 900 آهي.بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 51 آهي، بلوچستان ۾ هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جو ڪوٽا 2 لک 92 هزار 47 آهي.
