القادر ڪيس سزا خلاف اپيل تيار، اڱاري تي داخل ڪرڻ جو امڪان

القادر ڪيس سزا خلاف اپيل تيار، اڱاري تي داخل ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا جي خلاف پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي اپيل تيار ڪئي وئي آهي.اپيل 21 جنوري تي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيرسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري ايڊووڪيٽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي طرفان سزائن جي خلاف اپيل داخل ڪندو.وڪالت ناما ڏوهارين کان صحيح ڪرائڻ لاءِ اڊيالا جيل جي اختيارين حوالي ڪيا ويا آهن. جيل اختياريون وڪالت ناما سڀاڻي سومر تي وڪيلن کي واپس ڪنديون. وڪيل خالد يوسف چيو آهي ته وڪالت ناما جيل اختيارين وٺي ڇڏيا آهن. اسان کي اندر وڃڻ نه ڏنو ويو. ياد رهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائِي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو