الطاف حسين ٻن ساٿين سميت حوالي ڪرڻ لاءِ برطانيا کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي حڪومت برطانيا کي خط لکي ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين، سندس ويجهي عزي افٽخار حسين ۽ محمد انور کي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ حولاي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳم پاڪستان اوهان کي ملزمن جي مٽا سٽا جو معاهدو نه هوندي به ملزم ڏئي کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ پهچايو ، هاڻي اوهان تعاون ڪريو. ياد رهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ عمران فاروق کي لنڊن ۾ مٿي ۾ سر هڻي ۽ بعد م چاقو جا وار ڪري 16 سيپٽمبر 2010 تي قتل ڪيو  ويو هو. قتل ڪيس جا 3 جوابدار  پاڪستان ۾ گرفتار ٿيا هئا جن کي هلندڙ سال جون ۾ سزا ڏني وئي هئي. ملزم خالد شميم، معظم علي ۽ محسن علي کي عمر قيد جي سزا سان گڏ في ملزم فوتي جي وارثن کي ڏهه ڏهه لک ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو