امن ڳالهيون: افغان طالبان جي وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقات

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) ملا عبدالغني عرف مُلا برادر جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل افغان طالبان جي وفد خميس ڏهاڙي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا، آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ٻيا اهم عملدار به موجود هئا. جڏهن ته افغان وفد جي ملاقات وقت آجيان پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشيءَ ڪئي. ملاقات جي حوالي کان پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران پرڳڻي جي صورتحال ۽ افغان امن عمل بابت ڳالهيون ڪيون ويون. واضح رهي ته ملا عبدالغني برادر کي پاڪستاني اختيارين 2008 ۾ ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو هو ۽ 10 سالن بعد کيس آزاد ڪيو ويو جنهن بعد هو طالبان جي قطر ۾ قائم ٿيل سياسي آفيس جو سربراهه ٿي ويو ۽ آمريڪي صدر جي نمائندي زلمي خليل زاد سان ٿيندڙ امن ڳالهين ۾ به شريڪ رهيو. انهن ڳالهين جو عمل معطل ٿيڻ کانپوءِ افغان طالبان پهريون پاڪستان جي باضابطه دوري تي اسلام آباد پهتا آهن. جتي هنن پرڏيهي وزير سان تفصيلي ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو