اشرف غني استعيفيٰ ڏي اتفاق راءِ سان نئين حڪومت ٺاهيو، طالبان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن لاءِ تيار آهيون، اتفاق راءِ سان نئين حڪومت قائم ٿيڻ گهرجي ۽ صدر اشرف غني کي عهدو ڇڏڻو پوندو. اهڙو اظهار طالبان جي ترجمان سهيل شاهين جيڪو مزاڪراتي ٽيم جو حصو به آهي، تنهن ايسوسيئيٽيڊ پريس کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته اسين سمجهون ٿا ته افغان مسئلي جو حل افغانستان جي سمورين ڌرين کي ڳالهين ذريعي ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته جڏهن اتفاق راءِ سان حڪومت قائم ٿيندي ته طالبان هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو