اسٽيل مل بند ٿيندي نه نجڪاري، ان کي هلايو ويندو: ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام يمڻ چيو آھي تھ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ جيڪي بھ فيصلا ٿيا آھن اُھي سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ ٿيا آھن، سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اوٻاوڙو ۾ پرائمري استان جي مقررين جي منظوري ڏني وئي آھي، روڊ تي ملبو اُڇلائڻ وارين کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار سالڊ ويسٽ تي اربين رُپيا خرچ ڪندي آھي، ماڻھو پنھنجي گھرن جو ملبو بھ روڊن تي اُڇلائي ڇڏيندا آھن جنھن جي ناليون بلاڪ ٿيڻ سان گڏ ٻين پريشانين جو منھن ڏسڻو پوندو آھي، اُن لاءِ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي تھ روڊن تي ملبو اُڇلائڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويندو، اُن سلسلي ۾ ايس ايڇ اوز کي بھ ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اي لاجسٽڪ پورٽل آڻڻ ۽ اي پيمنٽ جي سھولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌ م 48 کاتا آھن، 16 کاتن کي ڊجيٽلائز ڪيو ويندو ۽ اُنھن سمورن کاتن جو ڪم ھاڻي ڪمپيوٽرائزڊ ٿي ويندو، جنھن سان کاتن جي شفافيت يقيني ٿي ويندي، عوام جا مسئلا آن لائن حل ٿي سگھندا، ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان اھو ڪم ھن سال ئي مڪمل ٿي ويندو، اُنھن کاتن ۾ فوڊ، ماحوليات، روينيو، ايس بي سي اي، بلديات سميت ٻيا کاتا شامل آھن، ڊجيٽلائز ٿيڻ سان اُنھن کاتن ۾ عوام جا سمورا ڪم گھر ويٺي آساني سان آن لائن ٿي سگھندا، اُن سلسلي ۾ کاتن کي ضروري قانون جوڙڻ جون بھ ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن. ھن چيو تھ ملير ايڪسپريس وي وٽ 100 ايڪڙ زمين تي اسپيشل ٻارن جي لاءِ جديد اسپتال، اسڪول آٽزم سينٽر ۽ راندين جو ميدان ٺاھيو ويندو، جنھن جي سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آھي، اُن کان اڳ سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ جي ڪوششن سان ڪيترائي مرڪز ٺاھيا ويا آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪابينا اجلاس ۾ اليڪٽرڪ ڪارن جي رجسٽريشن فيس 1000 رُپين ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ ڪئي وئي آھي، اسان اڳواٽ ئي پنجاھھ اي وي بسون آنديون آھن، ھاڻي نوان روٽ شروع ڪيا ويندا، اسان جو ٽارگيٽ 8 ھزار بسون ھلائڻ جو آھي. ھن چيو تھ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي اسٽيل مل جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان جاري ڳالھين بابت آگاھي ڏني وئي، اسٽيل مل تي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار ۾ تفصيلي ڳالھيون ٿيون آھن ۽ اسٽيل مل کي ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اسٽيل مل جي زمين تي سنڌ سرڪار ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪري رھي آھي، ھي اسپيشل اڪنامڪ زون ھوندو ۽ ان زون مان ٿيندڙ ڪمائي سان اسٽيل مل کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو ويندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اٽو، لٽو ۽ اجھو پيپلز پارٽي جو نعرو آھي، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار مختلف کاتن لاءِ ھائوسنگ سوسائٽيز ٺاھي رھي آھي، اُنھن سوسائٽيز ۾ سرڪاري ملازمن کي انتھائي گھٽ قيمت تي پلاٽ ڏنا ويندا ۽ سرڪاري ملازمن قسمن ۾ پلاٽن جي قيمت ادا ڪري سگھندا. ھن چيو تھ ڪارپوريٽ ايگريڪلچرل فارمنگ منصوبي لاءِ سرڪاري زمين جي معاملي تي ڪابينا جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آھي جيڪا فيصلو ڪندي،ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ سفارشون پيش ڪيون وينديون، نگران حڪومت ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبي لاءِ 52 ھزار 713 ايڪڙ سرڪاري زمين ڏني ھُئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪابينا اجلاس ۾ حب ندي تي پاڻي جي پلانٽ جي منظوري ڏني وئي آھي، ڪراچي جي شھرين کي پاڻي جي فراھمي جو منصوبو ھڪ سال اندر شروع ٿي ويندو ۽ شھر ۾ پاڻي جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو. ھن چيو تھ ڪراچي ۾ اي وي بس جا نوان روٽ شروع ڪيا ويندا، پاڪستان جو پھريون صوبو سنڌ ۽ اُن جو شھر ڪراچي آھي جتي ماحول دوست اي وي بسون ھلي رھيون آھن، اي وي بسن سان محاول محفوظ رھندو آھي، ٻارڻ جي بھ بچت ٿيندي آھي، ڀاڙو بھ مناسب ھوندو، سنڌ واحد صوبو آھي جنھن سڀني کان پھرين متبادل توانائي تي ڪم شروع ڪيو ۽ ونڊ پاور جنريٽرز جو بنياد رکيو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ منشيات تي حڪومت جي پاليسي زيرو ٽالرنس واري آھي، منشيات خلاف جنگ ڪا ننڍي جنگ ناھي، تمام وڏي جنگ آھي ۽ اُن ۾ وقت لڳي سگھي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو