اسٽوڊنٽ يونين جي بل تي تبصرو

فاروق احمد سرگاڻي
اسٽوڊنٽ يونين جو بل تہ سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿئي چڪو آھي پر افسوس سان لکڻو پوي ٿو تہ ھن وقت تائين ان تي عمل ڪونہ ٿيو آھي، يونين بل جي مطابق، ٻين مھينن جي اندر شاگرد يونين جي اليڪشن ڪرائي ويندي.سنڌ جي ڪاليجن يا يونيورسٽيز ۾ شاگرد يونين کي نئي سر بحال ڪيو وڃي ۽ اليڪشن ڪرائي وڃي، پر ھن معاملي کي ھتي سال گذري ويا ڪا حڪمت عملي ڪونہ جوڙي سگهي آهي.
يونين جو دستور انتظاميه کي ٺاھيون ھو ۽ اليڪشن ڪرائڻي ھئي، پر ھتي خاص ڪري ڪراچي يا ملڪ جي ٻين وڏن يونيورسٽيز کي ڏسون ته اتي ڪلچر ونگس يا سوسائٽي ٺاهئي وڃي ٿي، جيڪي شاگردن جي سياسي مسئلن تي ڳالهائي ئي ڪونہ ٿي ۽ انتظاميه انهن کي پنهنجي مفاد لائي ڪم آڻي ٿي، جيئن يونيورسٽز ۾ سياسي ڪلچر نہ اڀري ۽ اسان جي خلاف ڪا سگهاري جدوجهد ڦٽي نہ اچي. اھا اڄ جي حڪمت عملي ڪونهي بلڪي جڏھن کان وٺي يونين جي پابندي مڙھي وئي تڏھن ضياء جي دور ۾ (COUNCIL OF STUDENTS RULES1984) ڏنو ۽ ھن (MARTIAL LAW ORDER) ۾ اھو ڄاڻايو ويو تہ ملڪ جي سڀني انسٽيٽوٽس ۾ (COUNCILS) ٺھنديون ۽ ڪائونسل جو مطلب اھا سوسائٽي يا ڪلب يعني اھڙو ڊانچو جنهن جو ڪوبہ تعلق ڪنهن بہ سياسي جٿي سان نہ ھجي ۽ ھن آرڊر کي جلدي لاڳو ڪيو وڃي. مطلب تہ شاگرد جو سياست سان ڪجھہ نہ وڃي ھو سموري زندگي غير سياسي رھي. وڌيڪ ھن (ACT) ۾ لکيل آھي تہ ڪائونسل جي اليڪشن (BY HAND VOTE) ووٽ سان ٿيندي مطلب تہ جمهوريت ھجي ئي نہ جنهن کي چاھيو صدر ڪري ڇڏيون.
جيڪڏهن پاڻ ھن مضمون جون مڪمل طور تي تنقيدي جائزو وٺو..
پهريون نقطو؛( PREJUDICIAL ACTIVITY) يعني اھڙي ڪا شئي جنهن سان يونيورسٽيء جو ماحول خراب ٿي يا ڪوئي اسٽوڊنٽ پستول يا ھٿيار کڻي اچي انتظاميه جي ماڻهن کي ڌمڪائي تہ ان تي سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، پر ماضي ۾ ڇا ٿيو جو رجعت پرست تنظيمن کي ھٿي ڏني وئي جيڪا ھن وقت تائين قائم آھي ھن زمره سان اھو ٿيندو تہ انتظاميہ شاگردن کي آساني سان ڦاسائي سگهي ٿي ۽ اھڙي سخت ٻولي لکڻ جي گهرج ڪونہ ڪونہ ھئي. ھن جو حل صرف اھو آھي تہ رجعت پرست تنظيمن تي پابندي مڙھي وڃي.
ٻيون نقطو؛( SYNDICATE) ۾ شاگردن جي نمائندگي نہ ھجڻ ھن بل جو وڏو خال آھي، شاگرد تنظيمن کي مڪمل طور جي آزادي ۽ نمائندگي ڏني وڃي، انهيء ڪري (SYNDICATE) ۾ شاگردن جي ھڪڙي رڪن کي لازمي شامل ڪيو وڃي جنهن سان شاگردن جي حقن کي تحفظ ملندو.
ٽيون نقطو؛ ماضي ۾ جيڪڏھن يونين جو ڊانچو ڏسجي تہ (FEDERATION) جو وڏو ڪردار نظر ايندو، جيڪا تقريبن ڪنهن شهر جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز کي ملائي ٺاھي ويندي ھئي، ھر ھڪ ڪاليج يا يونيورسٽيء مان ھڪڙو ميمبر چونڊيون ويندو ھو پر ھن يونين جي بل ۾ (FEDERATION) جي ڪابہ ڳالهہ ڪونہ ڪئي وئي آھي.
جيڪڏھن پاڻ انهن تنظيمن جي ڳالھہ ڪيو جيڪي ھڪ مدي کان وٺي شاگرد يونين جي بحالي لاء جدوجهد ڪري رھيون آھن پر اھي بہ گهڻي قدر ناڪام ويو آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو