اسٽبلشمينٽ ۽ آمريڪا تي ڀاڙڻ وارا حڪمران قبلو درست ڪن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آھي تھ اسٽبلشمينٽ ۽ آمريڪا تي ڀاڙڻ وارن حڪمرانن کي عوام جي خواھش کي نظر ۾ رکندي قبلو درست ڪرڻ گھرجي، ٻي صورت ۾ کين عوام ڪنھن بھ صورت ۾ معاف نھ ڪندو. ھن چيو تھ ڊالر پٺيان ڊوڙندڙ اسٽبلشمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ آفيسر رٽائر ٿيڻ بعد آمريڪا ياترا ڪرڻ لاءِ ئي آمريڪا جي “ جي حضوري” ۾ پورا آھن، عوام کي گيس، بجلي ۽ ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاءِ آمريڪا سان سفارتي لاڳاپن کي ڪتب آڻيندي پاڪ-ايران گيس پائيپ لائين کي مڪمل ڪرڻو پوندو جيڪڏھن آمريڪا ان ۾ روڙا اٽڪائي ٿو تھ پوءِ آمريڪا جو خطي ۾ متبادل اتحاد جو ساٿاري ٿيڻو پوندو، ھون بھ ھاڻي آمريڪا جي ھڪ ھٽي بدران دنيا ٻن حصن ۾ ورھائجي رھي آھي، اھڙي صورتحال مان پاڪستان کي بھ پنھنجا رستا تلاش ڪرڻ گھرجن. ھن چيو تھ جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان پنجاب ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ واڌ ۽ سرڪاري طورتي ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. اھڙي تحريڪ سڀاڻي کان پنجاب کان شروع ٿيندي، سنڌ ۽ بلوچستان جا هاري به شرڪت ڪري سگهن ٿا. ھن چيو تھ ملڪ اندر اڳ ئي 21 لک ٽن ڪڻڪ موجود هجڻ باوجود پرڏيھھ مان ھڪ ارب ڊالرن جي 30 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪندڙ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪري ملڪي ناڻي جي رقم ھڪ ارب رپيا وصول ڪئي وڃي ۽ اھڙي مامري ۾ ملوث سرڪاري ۽ اعليٰ آفيسرن کي جيلن ۾ وڌو وڃي، انهن آفيسرن اٽڪل ٽيهه بلين ڊالرن جي رقم هڙپ ڪئي آھي. ھن چيو تھ فارم 47 وسيلي اقتدار تي ٿاڦيل حڪمران اسان تي بجلي ۽ گئس جا بم اڇلائي قوم کي تباهه ڪري رهيا آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ ھاڻي فارم 45 يا 47 وارن ڊرامن کي ھاڻي بند ڪرڻ واريون سازشون ختم ٿيڻ گھرجن، ان لاءِ اسان ملڪ جي عدليھ کي اپيل ڪيون ٿا تھ اھا آئيني طور تي ڪارروائي ڪري. ھن چيو تھ عام هاريءَ وٽ ڪو پليٽ فارم ناهي انهن کي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون به نه ٿيون ملن، جڏھن تھ ملڪ جي زراعت ۽ صنعت کي ھٿ وٺي تباھھ ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾جماعت اسلامي پاران عام هارين جي آواز بڻجڻ سميت صنعتي تباھي، بجلي ، گيس، پاڻي ۽ ٻين مامرن تي احتجاج کانپوءِ وڏو ايڪشن پلان جوڙيو ويندو، ھن چيو تھ ڪراچي پاڪستان جي راڄڌاني وارو شھر آهي، جنھن مان 66 سيڪڙو آمدني ٿئي ٿي، هتي صنعتن کي گئس نٿي ملي، جڏھن تھ گيس جي ذخيرن جي گھٽجڻ وارن حڪومتي افواھن ۾ ڪابھ صداقت ناھي، حڪمران تيل، گيس ڳولڻ وارين ڪمپينن کي انوينٽ ڪرڻ جي اجازت نھ ٿي ڏئي، جنھن جو نقصان ملڪ ۽ عوام کي ٿي رھيو آھي. ھن چيو تھ ڪي فور منصوبي تي رڳو سياست ڪئي پئي وڃي، جڏھن تھ شھر ۾ ناڪارھ پاڻي جي موجودھ نظام وسيلي ڪي فور منصوبو لاڀائتو ثابت نھ ٿيندو، ان لاءِ جديد طرز تي حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي. ھن چيو تھ اسان جمهوريت تي قائم آهيون، آئون به جمهوريت جي نظام تحت چونڊيو ويو آهيان، جماعت اسلامي سدائين جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ، جماعت اسلامي والد پارٽي آهي جنهن عورتن لاءِ الڳ چارٽر ٺاهيو آهي، ڏوھن ۾ سڌي طرح سان حڪومت ۾ ويٺل وڏيرا ملوث آھن، ڏوھاري دنيا اندر شھري ۽ ٻھراڙي وارو ڪوبھ تصور ناھي ڏوھاري رڳو ڏوھاري ئي ھوندو آھي، ڪراچي شھر اندر64 شھري رڳو موبائل ڦر وارن واقعن ۾ قتل ٿي چڪا آھن، اصل ڏوھن جو انگ ظاھر ان ڪري نھ ٿو ٿئي ڇاڪاڻ تھ ڏوھارين جا متاثر شھري پوليس ٿاڻن تي وڃڻ کان لھرائين ٿا. ھن چيو تھ اسان عدم اعتماد ڪنهن به وقت آڻي سگهون ٿا، اسان حڪومت تي ٿيل قبضي کي قبول ئي نٿا ڪيون، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ پي پي جي ڪارڪنن بھ چوندا ته جماعت اسلامي جو ميئر ڪامياب ٿيڻو هو. ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڪي پي سي جو نائب صدر رشيد ميمڻ، گورننگ باڊي جا ميمبر نواب قريشي، شمس ڪيريو، نور محمد ڪلھوڙو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو