ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي جاري آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هينڊريڊ انڊيڪس 48 هزار جي سطح تي پهچي ويو آهي. هينڊريڊ انڊيڪس ۾ ڪاروبار دوران 950 پوائنٽس کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو آهي. هينڊرڊ انڊيڪس 48 هزار 27 تي آهي، ڪاروبار دوران هينڊرڊ انڊيڪس ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
