اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي دوران 2756 پوائنٽس جو اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ۾ هفتي دوران 2756 پوائنٽس جو اضافو ٿيو. ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 44207 جي سطح تي بيٺو جنهن جي اونچائي 44511 ۽ گهٽ ۾ گهٽ 43404 جي سطح تي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ هفتي دوران 1 ارب 69 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو ۽ هفتيوار ڪاروباري ماليت 57 ارب رپيا رهي.ان کان علاوه، مارڪيٽ سرمائيداري هڪ هفتي ۾ 325 بلين رپيا وڌي 6694 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو