خواجا جي تقرير دوران اپوزيشن جو گوڙ، آپريشن بند ڪريو جا نعرا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾خواجا آصف جي تقرير دوران اپوزيشن جو گوڙ، آپريشن بند ڪريو جا نعرا، اسپيڪر جي ڊائس جو گهيراءُ، اجلاس ۾ گوڙ دوران خواجا آصف پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن تي وڌندڙ حملا اسان لاءِ شرم جوڳا آهن، سڀني کي ان تي متفق ٿيڻ گهرجي،اپوزيشن جي گوڙ سبب خواجا آصف پنهنجي تقرير روڪي ڇڏي، ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جي چوڻ تي خواجا آصف ٻيهر تقرير شروع ڪئي ته اپوزيشن ميمبرز چور چور جا نعرا هنيا، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو