اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ هڪ هفتي دوران ڏوهن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي.پوليس ذريعن موجب گذريل هڪ هفتي دوران 2 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته قتل جي ڪوشش جا 8 ڪيس داخل ٿيا.وليس ذريعن جو چوڻ آهي ته چوري جي 49 واقعن ۾ شهرين لکين رپين جو سامان ڦري ويا، شهر جي مختلف ٿاڻن ۾ چوري جا 70 واقعا رپورٽ ٿيا. پوليس ذريعن موجب مختلف علائقن مان 77 موٽرسائيڪلون ۽ 14 گاڏيون چوري ڪيون ويون.پوليس ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته وائيٽ ڪالر ڪرائم چيڪ ڊاهر جا 36 ڪيس سامهون آيا آهن.
