ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ جڏهن احتجاج ٿيندو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ڪري ويندي آهي، جڏهن انهن خلاف آپريشن ٿيندو آهي ته مارڪيٽ ان تي جشن ملهائيندي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته 100 انڊيڪس هڪ لک کان مٿي ٿيڻ کانپوءِ دنيا پاڪستان جي صلاحيت کي ڏٺو.هن چيو ته 2013ع ۾ 2025ع جو ويزن ٺاهيو، ڪراچي ۾ امن بحال ڪيو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، 3 سالن ۾ چين کان 25 ارب جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آندو.احسن اقبال جو چوڻ آهي ته پرائس واٽر ڪوپرز پاڪستان کي 2030 تائين ترقي پسند ملڪ قرار ڏنو، 2018 جي يو ٽرن ان خواب کي به چيڀاٽي ڇڏيو، چيني سيڙپڪاري ويٽنام ۽ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪئي وئي.










