اسلام آباد(رپورٽ ايازمهر)وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ غيرمعمولي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، شام جو سرينگر هاءِ وي تي تيز بارش سبب ماڻهو گاڏيو پاسي تي ڪري بيهي رهيا ڇو ته ٽن ميٽرن تي به صاف نظر نه پئي آيو. جي سڪس، جي جي سيون، زيرو پوائنٽ، جي ايٽ سميت جي اليون ۾ به روڊن تي گوڏي جيترو پاڻي بيهي رهيو. ڪيترن سيڪٽرن ۾ پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏيون به ترنديون رهيون. سڀ کان وڌيڪ برسات گولڙه ۾ 66 ملي ميٽر ۽ سيد پور ۾ 40 سينٽي ميٽر رڪارڊ ٿي. ڊي سي اسلام آباد واسطيدار عملي کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي، نديون نالا ڪليئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.راولپنڊي جي نيو ڪٽاريان واري علائقي ۾ 60 سينٽيميٽر برسات پئي آهي.پنڊي واري لئي نالي ۾ طغياني جي خدشي سبب موسميات کاتي الرٽ جاري ڪيو آهي، جڏهن ته ريسڪيو اهلڪار نالا لئي جي آس پاس ۽ نشيبي علائقن ۾ مقرر ڪيا ويا آهن۔ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات جاري آهي، اسلام آباد جي سيڪٽر H-8 ۾ 95 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آهي۔ ساڳيءَ طرح، وفاقي راڄڌاني جي سيڪٽر G-11 ۾ به سخت برسات ٿي، موسميات کاتي چيو آهي ته نالا لئي جي ڀرپاسي رهندڙ ماڻهو احتياطي تدبيرون اختيار ڪن۔ ريسڪيو1122 جي ترجمان موجب، برساتن جي پيش نظر راولپنڊي ۾ ريسڪيو 1122 کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته ريسڪيو اهلڪار ڪٽارياڻ، گوالمنڊي ۽ ٻين نشيبي علائقن ۾ مقرر آهن ۽ برسات دوران اهلڪار مسلسل ڊيوٽي تي موجود رهندا۔ ترجمان ريسڪيو 1122 عوام کي اپيل ڪئي آهي ته برساتي موسم ۾ وڏو احتياط ڪن، والدين ٻارن کي نالا لئي يا بجليءَ جي ٿنڀن جي ويجهو وڃڻ نه ڏين۔ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شهري اربن فلڊنگ کان اڳ محفوظ جڳهن تي منتقل ٿي وڃن ۽ برسات دوران ڪمزور يا ڀڳل ڇتين جي هيٺان نه ويهن۔ شهري ندي نالن کي پار ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ سخت برساتن يا ڪڪر ڦاٽڻ جي امڪان سبب سياحتي هنڌن تي وڃڻ کان به پرهيز ڪن۔ ساڳئي وقت، واٽر اينڊ سينيٽيشن ايجنسي (واسا) راولپنڊي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر چيو آهي ته نالا لئي سميت سڀني نالن جي نگراني جاري آهي ۽ عملي کي ڳري مشينري سان گڏ ميدان ۾ موجود رکيو ويو آهي۔ ايم ڊي واسا چيو ته برسات جي صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي، سمورا ضروري انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون۔ ياد رهي ته گذريل ڏينهن نيشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 1 کان 3 سيپٽمبر تائين سخت تيز برساتن جو الرٽ جاري ڪيو هو ۽ ممڪنه سيلابي صورتحال بابت خبردار ڪيو هو۔ اين ڊي ايم اي پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو هو ته اسلام آباد، مري، راولپنڊي، جهلم، اٽڪ، منڊي بهاوالدين، گجرات، گوجرانوالا ۽ حافظ آباد ۾ سخت برساتن سبب سيلابي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي۔










